فيشن شو دوران مٿيرا ۽ صاحبه جي ريمپ تي ڪرندي ڪرندي بچي ويون

ڪراچي : پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور شخصيتن مٿيرا ۽ صاحبه جي هڪ فئشن شو دوران ڪيل ريمپ واڪ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. هيءَ وڊيو سندن ڪنهن جديد انداز سبب نه، پر ريمپ تي پيش آيل تڪليف ڏيندڙ واقعن جي ڪري ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. فئشن شو دوران مٿيرا ۽ صاحبه سميت ڪيترن ئي ٻين ماڊلز ريمپ تي واڪ ڪئي، پر خراب ريمپ سبب ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن جو توازن بگڙي ويو ۽ اهي ڪرندي ڪرندي بچيون. سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد واهپيدارن ريمپ جي معيار تي سنگين سوال اٿاريا آهن ۽ ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ آهي ته ريمپ اڻبرابر ۽ ناقص هو، جنهن ڪري ماڊلز کي واڪ ۾ سخت ڏکيائي پيش آئي. صارفين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انتظاميا پاران شو کان اڳ ريمپ جي صحيح جاچ نه ڪئي وئي هئي، جنهن ڪري سڀ ماڊلز اتي لڙکڙائيندي نظر آيون.

تبصرے بند ہیں۔