مٽياري: سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ جون تقريبون ڀٽ شاهه ۾ عقيدت ۽ احترام سان شروع ٿي ويون. گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي عرس مبارڪ جو باقاعده افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي سنڌ جي گورنر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي امن، استحڪام، خوشحالي، ترقي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ خاص دعائون گهريون. افتتاحي تقريب ۾ عوامي نمائندن، مشائخ عظام، سرڪاري آفيسرن، اديبن، ثقافتي شخصيتن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل هزارين زائرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات محبت، امن، رواداري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو آفاقي پيغام آهن. هن چيو ته شاهه جو رسالو سنڌ جو عظيم روحاني ۽ ادبي خزانو آهي، جنهن جو دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن سڄي دنيا حضرت ڀٽائيؒ جي فڪر ۽ فلسفي کان واقف ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام اڄ به نفرتن جي خاتمي ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ روشني جو مينار آهي.
هن چيو ته جڏهن دنيا ۾ ماڻهو تلوارن سان هڪ ٻئي سان جنگين ۾ مصروف هئا، تڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته دنيا کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ۽ پاڪستان محبت، برداشت ۽ امن جا علمبردار آهن. گورنر سنڌ نھال هاشمي چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀرڻ سندس لاءِ سعادت ۽ خوشي جو باعث آهي. هن چيو ته اڄ هتي مختلف مذهبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي موجودگي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي آفاقي پيغامِ امن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ رواداري جو عملي ثبوت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام ڪنهن هڪ علائقي يا ملڪ تائين محدود ناهي، پر پوري انسانيت لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي، جڏهن ته سندن تعليمات اڄ به نفرتن جي خاتمي، سماجي هم آهنگي ۽ انسانيت جي واڌاري لاءِ مؤثر رهنمائي فراهم ڪري رهيون آهن.
تبصرے بند ہیں۔