سعودي عرب پاڪستان جي 3 ارب ڊالر قرض جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  سعودي عرب پاڪستان جي لاءِ 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض رول اوور ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان ملڪ تي فوري ٻاهرين ادائيگين جو دٻاءُ نمايان طور تي گهٽ ٿي ويو آهي انهي اڳڀرائي جي تصديق وفاقي ناڻي واري وزير ڪئي.

ذريعن موجب سعودي عرب اهو قرض پاڪستان کي متحده عرب امارات(يو اي اي) کي ادائيگين لاءِ ڏنو هو جنهن جو مدو شروعاتي طور تي 3 مهينا مقرر ڪيو ويو هو.   هاڻ انهي قرض کي رول اوور ڪرڻ سان پاڪستان کي   ڊگهي وقت تائين وڏو مالي سهارو ملي ويو آهي.

اسٽيٽ بينڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته 5 ارب ڊالر جي رول اوور کان پوءِ پاڪستان جي ناڻي جي مٽا سٽا جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي فوري طور تي ٻاهرين ادائيگين جو  دٻاءُ گهٽ ٿي ويو آهي. اختيارين موجب هن وقت سعودي عرب جا پاڪستان ۾ گڏيل ڊپازٽس 8 ارب ڊالر آهن.

اختيارين ٻڌايو ته پاڪستان هلندڙ سال اپريل ۾ سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر حاصل ڪيا هئا جڏهن ته مالي سال 2026-27 ۾ پاڪستان جون ٻاهريون مالي ضرورتون گهٽ ٿي 21.5 ارب ڊالر ٿي ويون هيون. انهي کان علاوه پرڏيهي قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ به تقريبن اڌ ارب ڊالر جي گهٽتائي آئي آهي.

اسٽيٽ بينڪ موجب پاڪستان جولاءِ جي دوران 2.2 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس به ڪري چڪو آهي جنهن جي باوجود سعودي عرب طرفان قرض رول اوور ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي هڪ اهم سهارو مليو آهي.

تبصرے بند ہیں۔