سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: قومي اقتصادي ڪائونسل سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پخوتنخواهه جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان جو رٿابندي بابت وزير اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.
اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته توانائي بچائڻ لاءِ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي.
هن چيو ته ڪمرشل ايرياز 8 وڳي بند ٿيندا، گرين انرجي کي هٿي ڏينداسين، ايل اي ڊي بلب لڳائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔