عربي سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ڊپريشن ۾ تبديل

ڪراچي: عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي ويو.
موسميات کاتي موجب ڊپريشن ڪراچي جي ڏکڻ کان 1500 ڪلو ميٽر پري آهي، ڊپريشن 18 کان 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڊپريشن سبب ٺهندڙ امڪاني طوفان اتر ۽ اتر اولهه ڏانهن حرڪت ڪندو، طوفان سان هيل تائين پاڪستان جي سامونڊي علائقي کي ڪو خطرو ناهي، موسميات کاتي جو سائيڪلون وارننگ سينٽر سسٽم کي مانيٽر ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته طوفان جو نالو بنگلاديش جي تجويز ڪيل لفظ ”بائي پر جواءِ“ رکيو ويندو، جنهن جو مطلب تباهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔