ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ واري معاملي تي پاڪستان خلاف سازش، ڀارت به ڏچي ۾ پئجي ويو

ڪراچي: ڪير مڃي يا نه مڃي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سخت موقف کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ دٻاءُ ۾ آهي، جيڪڏهن پاڪستان عالمي ڪپ کيڏڻ ڀارت نه ويو ته ميگا ايونٽ جو مزو خراب ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اڪيلي ڪرڻ جي سازش ۾ بي سي سي آءِ پاڻ ئي ڏچي ۾ پئجي وئي آهي ڇو جو پاڪ _ ڀارت مي جي آمدني ٽورنامينٽ جي گڏيل آمدني جو 30 سيڪڙو آهي.
پاڪستان ٽيم جو تمام وڏو فين ڪلب آهي، جيڪڏهن پاڪستان ڀارت نٿو وڃي ته ٽورنامينٽ تي اثر پوندو، پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي پئسي جي ڏَڍ تي پاڪستان لاءِ ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ جا آپشن محدود ڪري ڇڏيا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي پاليسي معاملن تي بابر اعظم، پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي مامرن واري سيڪريٽري کان به رهمنائي وٺڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔