جڏهن آئون چاهيندس، چونڊون تڏهن ٿينديون: آصف زرداري

جڏهن آئون چاهيندس، چونڊون تڏهن ٿينديون، اهي ٻن مهينن ۾ چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، اڳوڻي صدر آصف زرداري جون بلاول هائوس لاهور ۾ پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرز سان ملاقات دوران ڳالهيون

آصف زرداري چيو آهي ته صبر جو جو اهڙو ثمر ملندو، جنهن جو اندازو ئي ناهي، سمورا ٿڪ لهي ويندا ۽ اهنج ختم ٿي ويندا، سياست ۾ هر شئي جو حل موجود هوندو آهي، جنهن کي سياست نٿي اچي، اُنهن وٽ حل به ناهي هوندو

مون جيل ۾ معيشت تي ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو، پنهنجي دور ۾ اهڙا حل ڏنا، جو ناڻي جا ذخيرا 24 ارب ڊالرز ٿي ويا، هاڻي به انشاءَ الله ملڪي معيشت سنڀالي ناڻي جي ذخيرن کي 100 ارب ڊالرز تائين آڻيندس

فوج جو گهڻو خرچ ناهي، اِن تي اجايو پروپگئنڊا ڪئي ويندي آهي، لاهور ۾ آصف زرداري سان ملاقات دوران اڳوڻي ايم پي اي سڪندر شورو ۽ ڪانڀو خان برهماڻي پاران پ پ ۾ شموليت جو اعلان  ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔