نئين دهلي: ڀارتي نوجوانن جي پارٽي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي تقريبن ٻن مهينن کان جاري احتجاج رنگ لاتو، تعليم واري وزير دهرميندر پردهان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي تعليم واري وزير دهرميندر پردهان سوشل ميڊيا تي استعيفيٰ جو متن شيئر ڪيو جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي دهرميندر پردهان جو استعيفيٰ فوري طور تي منظور به ڪري ورتو.
استعيفيٰ جي متن ۾ اڳوڻي تعليم واري وزير دهرميندر پردهان لکيو آهي ته منهنجا نوجوان ساٿيو، مان گذريل 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت کان شاگردن، استادن ۽ تعليم جي اصلاح لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيس، مون کي هميشه کان اهو يقين رهيو آحي ته هڪ مضبوط، جامع ۽ وڏي سوچ وارو تعليمي نظام ئي مضبوط قوم جي بنياد هوندو آهي. مان ملڪ جي نوجوانن جي خواهشن، جذبن ۽ انهن جي جائز مطالبن جو احترام ڪريان ٿو. هن پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته مئي 2026 تي ٿيندڙ NEET-UG جي امتحان ۾ بدانتظامي سامهون آئي، ڀارتي سرڪار فورن انهي جو نوٽيس وٺندي جاچ سي بي آءِ جي حوالي ڪئي ۽ امتحان ملتوي ڪري ٻيهر نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.
دهرميندر پردهان جو چوڻ آهي ته منهنجو اهو عزم هو ته اسان ڪنهن به قابل شاگرد جي مستقبل کي امتحان مافيا جي ڪري تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪنهن به شاگرد سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ لکيو ته 16 جولاءِ تي اعلان ڪيل NEET-UG جا نتيجا ڀروسي جوڳي رهيا، جنهن ۾ غريب، پوئتي پيل طبقي کان آيل ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاميابي ملي پر انهي دوران به ڪيترن ئي شاگردن کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ ذميوار عهدن تي ويٺل ماڻهن رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.
انهي حوالي سان ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم واري وزير دهرميندر پردهان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، اهو سٺو عمل آهي، اسان جا سمورا مطالبا باضابطه لکت ۾ مڃيا ويا آهن. هاڻ اسان پنهنجن گهرن ڏانهن وينداسين، آچر تي سموري ملڪ ۾ پرامن طور تي مشعل بردار مارچ ڪنداسين.
تبصرے بند ہیں۔