موسميات کاتي سنڌ ۾ اڄ کان 27 جولاءِ تائين برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ٻوڏ جو امڪان ظاهر

ڪراچي:  موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 27 جولاءِ تائين برسات جي اڳڪٿي ڪندي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب ڏکڻ، مغربي راجستان ۽ انهي سان لاڳاپيل علائقي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي،  عرب سمنڊ مان سانوڻي جون طاقتور هوائون ڏکڻ ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ  کان 27 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.  27 جولاءِ تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، سانگهڙ، بينظير آباد، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، خيرپور ۽ دادو سميت ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي.

برسات سبب ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي جڏهن ته تيز هوائن ۽ آسماني کنوڻ سبب ڪمزور انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. ڪراچي جي حوالي  سان موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن جي دوران موسم جهڙالو، گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.

انهي کان علاوه شهر جي ڏوراهين علائقن ۾ اڄ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته شهر جي ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته شهر جي ٻين هنڌن تي ايندڙ 3 ڏينهن جي دوران بوندا باندي پئجي سگهي ٿي. اڄ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته آچر ۽ سومر تي گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔