سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ڪينسر جي 9 دوائن کي جعلي، غير معياري ۽ غير رجسٽرڊ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي:  سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ڪينسر جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 9 دوائن کي جعلي، غير معياري ۽ غير رجسٽرڊ قرار ڏئي ڇڏيو.

ڊائريڪٽر سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سيد عدنان رضوي انڪشاف ڪيو ته ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي رپورٽ موجب ڪجهه ڪينسر جي دوائن ۾ گهربل فعال دوا(ايڪٽوانگريڊينٽ) موجود ئي نه هئي.

عدنان رضوي چيو ته رپورٽ موجب ڪجهه دوائن تي ڊريپ رجسٽريشن نمبر به لکيل نه هئا، ڪيترائي آنڪولوجسٽ پريسڪرپشن تي مخصوص فارميسينز جو نالو لکي ڇڏيندا آهن.

عدنان رضوي چيو ته جعلي ۽ غير معياري ڪينسر جون دوائون مريضن جي حياتين لاءِ سنگين خطرو هوندا آهن. جعلي ڪينسر جي دوائن سان علاج بهتر ناهي ٿيندو.  بيماري وڌڻ جو امڪان هوندو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔