حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پنجين ڏينهن به اضافو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به اضافو ڪري ڇڏيو. توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان جاري پيٽروليم شين جي قيمتن جي طريقيڪار موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 25 جولاءِ 2026 رات 12 وڳي تائين لاڳو رهنديون. نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پيٽرول في ليٽر 3 روپيه 66 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر نئين قيمت 335 روپيه 18 پئسن جي سطح تي پهچي وئي آهي.

اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل به وڌيڪ 4 روپيه 80 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر نئين قيمت 383 روپيه 46 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔