حوثين ۽ سعودي ۾ جهڙپون، ايران جي آمريڪا خلاف يو اين ۾ جنگي ڏوهن جي شڪايت

ڪراچي: ايران گڏيل قومن ۾ باضابطه شڪايت داخل ڪرائيندي چيو آهي ته آمريڪا ڄاڻي واڻي ٻن ايراني سامونڊي ريسڪيو جهازن کي نشانو بڻائي “جنگي ڏوهه” ڪيو آهي. ارنا موجب انهن جهازن جو ڪم رڳو انساني همدردي جي بنياد تي بچاءَ جون ڪارروايون هو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ڏانهن موڪليل خط ۾ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير غلام حسين دارزي ياد ڏياريو ته آمريڪا 23 جولاءِ جي صبح سوير ايران جي هرمزگان صوبي جي سامونڊي حدن اندر ڪم ڪندڙ ايراني بچاءَ وارن جهازن ناجي-15 ۽ ناجي-16 تي حملو ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته “انساني همدردي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ڳولا ۽ بچاءَ جي وسيلن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي، آمريڪا نه رڳو بچاءَ واري عملي جي جانين کي خطري ۾ وڌو آهي، پر هر ان شخص جي زندگي به خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي، جيڪو سمنڊ ۾ مصيبت جو شڪار هجي، ڀلي سندس قوميت ڪهڙي به هجي.”

سعودي ۽ حوثين جا هڪٻئي تي حملا، جنگ ڦهلجڻ جو خدشو
حوثي باغين ڇنڇر ڏينهن سعودي عرب تي جوابي ميزائل حملي جي دعويٰ ڪئي آهي، رياض جمعي ڏينهن الحديده ۾ حوثين جي فوجي هدفن تي حملا ڪيا. باغين سان لاڳاپيل ميڊيا موجب ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن، جڏهن ته يمني گروهه دنيا جي سڀ کان وڏي تيل پيدا ڪندڙ ملڪ سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جو اعلان ڪندي سعودي جهازن کي به نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. هي نئون ڇڪتاڻ وارو محاذ ان جنگ جو تازو رخ آهي. ان سان گڏ ايران پاران آبنائي هرمز جي متوازي ناڪابندي به جاري آهي، جڏهن ته اهو رستو بند هئڻ سبب رياض لاءِ ڳاڙهي سمنڊ وارو سامونڊي رستو ئي واحد متبادل بچيو آهي. حوثين جي “انصارالله” ميڊيا ڇنڇر جي صبح ٽيليگرام تي دعويٰ ڪئي ته “يمني ميزائل حملي” سبب ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري واري سعودي شهر جيزان ۾ باهيون لڳي ويون. سعودي عرب ان دعويٰ تي فوري طور ڪو به تبصرو نه ڪيو. تنهن هوندي به، سعودي سول ڊفينس ڇنڇر جي صبح جيزان ۽ ينبع جي رهواسين کي “ممڪن خطري” بابت مختصر خبرداري جاري ڪئي، جيڪا ڪجهه ئي منٽن بعد واپس ورتي وئي. يمن جي هڪ سيڪيورٽي ذريعي اي ايف پي کي ٻڌايو ته الحدیدہ جي بندرگاهه ۾ موجود بحري اڏي ۽ ڪماران ٻيٽ تي قائم فوجي ڪيمپ سعودي حملن جو نشانو بڻيا. اي ايف پي موجب سعودي حملن ۾ الحديدہ بندرگاهه ڀرسان ٽيليڪميونيڪيشن جي عمارت ۽ الحديدہ ۾ راس الڪثيب بحري اڏي کي نشانو بڻايو ويو.
حوثي ميزائيل سعودي ۾ موجود يوناني فوج تباهه ڪري ڇڏيا
يوناني سيڪيورٽي ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو آهي ته سعودي عرب ۾ يوناني فوجين پاران هلايو ويندڙ فضائي دفاعي نظام يمن مان ينبع جي آئل ريفائنرين ڏانهن فائر ڪيل ٻن بيلسٽڪ ميزائلن کي ڪاميابي سان تباهه ڪري ڇڏيو. سعودي سول ڊفينس ينبع جي رهواسين کي ممڪنه خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هنگامي خبرداري جاري ڪئي هئي. هڪ ذريعي چيو، “حملو ٻن بيلسٽڪ ميزائلن سان ڪيو ويو، جن جو هدف ينبع جون آئل ريفائنريون هيون،” ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته اهي ميزائل يمن مان فائر ڪيا ويا هئا. يونان 2021ع کان هڪ معاهدي تحت آمريڪي ٺاهيل پيٽرياٽ فضائي دفاعي نظام سعودي عرب ۾ مقرر ڪري رکيو آهي، جنهن کي يوناني فوجي هلائين ٿا ته جيئن سعودي عرب جي توانائي واري بنيادي ڍانچي جي حفاظت ڪري سگهجي.
برطانيا پاران ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارين پاڪستاني ڪوششن جي ساراهه
برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر لارڊ ضمير محمد چوڌري اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات دوران علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزارت جي بيان موجب، لارڊ ضمير محمد چوڌري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير علائقائي استحڪام لاءِ “قابلِ تحسين ڪوششون” ڪيون آهن.
لبنان جي صور شهر وٽ اسرائيلي فوج جو وڏو ڌماڪو
لبنان جي ڏاکڻي ضلعي صور جي علائقي مشاع المنصوري ۾ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز صور شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن تائين ٻڌو ويو، الجزيره لبنان جي نيشنل نيوز ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اهو ڌماڪو اسرائيلي فوج طرفان ڪيو ويو.
يورپي يونين جي منافقانه پاليسي آهي، بقائي
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجماناسماعيل بقائي چيو آهي ته يورپي يونين جي اعليٰ سفارتڪار ڪايا ڪالس ايران بابت “انساني حقن جي خدشن” جو ذڪر ڪري رهي آهي. هن چيو، “انساني حقن سان مبينا وابستگي کي ڪيئن ان حقيقت سان گڏ ملائي سگهجي ٿو ته ايراني عوام خلاف ٿيندڙ اهڙين جان ليوا جارحيتن لاءِ لاجسٽڪ ۽ فني سهڪار فراهم ڪيو وڃي، جيڪي ڄاڻي واڻي عام شهرين ۽ ملڪ جي اهم بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائين ٿيون؟ ۽ ساڳئي وقت واضح جنگي ڏوهن جي مذمت ڪرڻ کان به انڪار ڪيو وڃي، جڏهن ته يورپي يونين جي پنهنجي ‘لاجسٽڪ ۽ فني سهڪار’ سان ممڪن بڻايل آمريڪي ۽ اسرائيلي بمن ۽ ميزائلن ۾ مارجي ويل ايراني ٻارن لاءِ همدردي جو هڪ لفظ به نه چيو وڃي.” هن وڌيڪ چيو، “اهو رڳو اعتبار وڃائڻ جو معاملو ناهي، پر اهو برائي جي عام ٿيڻ ۽ منافقت جي سڀ کان خالص صورت آهي.”
آمريڪي فوج پاران آئل ٽينڪر کي ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ
اي ايف پي موجب آمريڪي فوج چيو آهي ته هن هڪ آئل ٽينڪر تي فائرنگ ڪري ان کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، جيڪو ايران جي بندرگاهن تي آمريڪي ناڪابندي کان بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان نيوي ڪيپٽن ٽم هاڪنس چيو، “عملي ان کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ چار ڀيرا ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ اسان ٽينڪر کي ناڪاره بڻايو.” هن چيو، “عملي کي بار بار خبردار ڪيو ويو، پر هنن هدايتن تي عمل نه ڪيو، جنهن بعد موقعي تي موجود آمريڪي فوج جهاز جي انجڻ روم تي فائرنگ ڪري ان کي ناڪاره بڻايو.” هن وڌيڪ چيو، “هاڻي اهو جهاز ايران ڏانهن سفر جاري نه رکندو.”

تبصرے بند ہیں۔