برطانوي ايئر لائين ايئرهوسٽس جي يونيفارم ۾ حجاب متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن: پهريون ڀيرو برطانوي فضائي ڪمپني ”برٽش ايئرويز“ ايئرهوسٽس لاءِ هڪ اهڙو يونيفارم متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ حجاب کي آپشن طور شامل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب برٽش ايئرويز 20 ورهين کان پوءِ پنهنجو نئون يونيفارم متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي اوزوالڊ بوتيڪ ڊزائين ڪيو آهي.
نئين يونيفارم جو رنگ روايتي نيوي بلو ۽ ڳاڙهي رنگ جو آهي. مردن جي سوٽ سان گڏوگڏ عورتن جو لباس، اسڪرٽ، ٽرائوزر ۽ جديد جمپ سوٽ، سڀ انهن ئي رنگن جا آهن.
مردن لاءِ ان يونيفارم ۾ ٿري پيس سوٽ جڏهن ته عورتن لاءِ ڪيئي ڊزائنون آهن جن مان هو ڪنهن هڪ کي پنهنجي مرضي سان چونڊي سگھن ٿا. عورتن لاءِ حجاب کي به شامل ڪيو ويو آهي.
پر حجاب لازمي ناهي، ايئرهوسٽس چاهين ته حجاب جي چونڊ ڪري سگھن ٿيون ۽ جيڪي حجاب نه ڪرڻ چاهين ته اُهي نٿيون ڪري سگھن.
نئون يونيفارم پهرين مرحلي ۾ انجينيئرز ۽ گرائونڊ اسٽاف پهريندو جنهن کان پوءِ ڪيبن ڪريو، پائليٽ ۽ چيڪ ان ايجنٽ جو وارو ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔