براؤزنگ عالمي خبرون
عالمي خبرون
فلپائين ۽ روس جي ٻن صحافين امن جو 2021 نوبيل امن انعام ماڻي ورتو!
امن جو 2021ع جو نوبيل انعام گڏيل طور تي فلپائين ۽ روس جي ٻن صحافين کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلپائين جي صحافڻ ماريا ريسا ۽ روس جي دمتري موراتوف کي اظهار جي آزادي لاءِ ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ امن انعام سان نوازيو ويو.
امن جي نوبيل انعام!-->…
افغانستان ۾ مسجد اندر بم ڌماڪو، 50 ڄڻا مارجي ويا
ڪابل: افغانستان جي شهر قندوز ۾ هڪ مسجد اندر بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. فرانسيسي نيوز ايجنسي موجب ڌماڪو قندوز جي سعيد آباد واري علائقي ۾ هڪ مسجد ۾ ٿيو ۽ ڌماڪي جي وقت ماڻهن جو وڏو انگ مسجد ۾ موجود هو.مقامي…
تنزانيا جي مسلم ناول نگار ادب جو نوبل انعام ماڻي ورتو
اسٽاڪ هوم : هلندڙ سال ادب جو نوبل انعام آفريقي ملڪ تنزانيا جي ناول نگار عبدالرزاق گرناهه جي نالي رهيو. نوبل انعام جي ڪميٽي موجب سال 2021 لاءِ ادب جو نوبل انعام تنزانيا جي ناول نگار عبدالرزاق گرناهه کي نئين آبادياتي اثرن ۽ پناهگيرن جي مسئلن!-->…
آمريڪا پنهنجي جوهري هٿيارن جي مجموعي انگ جو اعلان ڪري ڇڏيو
واشنگٽن: آمريڪا گذريل چئن ورهين ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي جوهري هٿيارن جي مجموعي انگ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب گذريل سال 30 سيپٽمبر تائين واشنگٽن وٽ 30 هزار 750 جوهري هٿيار موجود هئا، اهو انگ سيپٽمبر 2017 جي ڀيٽ ۾ آمريڪي!-->…
وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن.
رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ پوليو جي خاتمي وارين ڪوششن، غذائيت ۽!-->!-->!-->…
پينڊورا ليڪس: اردن جي بادشاهه جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت شاهي محل جي وضاحت
پينڊورا پيپرز ۾ اردن جي بادشاھ عبدالله جي پرڏيهه ۾ 10 ڪروڙ ڊالر ماليت جي ملڪيتن بابت شاهي محل جي وضاحت سامهون اچي وئي آهي. اردن جي شاهي خاندان جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”بادشاهه عبدالله آمريڪا ۽ برطانيه ۾ فليٽن ۽ گهرن جو مالڪ آهي. اها!-->…
آمريڪا ۽ روس وچ ۾ خلا ۾ پهرين فلم ٺاهڻ جي ڊور شروع
آمريڪا ۽ ورس جي وچ ۾ خلا ۾ پهرين فلم ٺاهن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي.
روسي ٽيم فلم ”The Challenge“ جي شوٽنگ لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن تي روانو ٿي وئي آهي، مشن جي ڪاميابي تي روس خلا ۾ فلم ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو.
فلم ڪريو ٽن ماڻهن تي!-->…
روس پنڊورا پيپرز جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو
ماسڪو: روس پنڊورا پيپرز کي اڻ تصديقي دعوائون قرار ڏيندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو. ترجمان ڪريملن چيو آهي ته پنڊورا پيپرز رڳو اڻ تصديق ٿيل دعوائن تي ٻڌل هڪ مجموعو آهي. واضح رهي ته پنڊورا پيپرز ۾ موناڪو اپارٽمينٽس جي مالياڻي سان گڏ روسي صدر پيوٽن!-->…
سامونڊي طوفان ”شاهين“ عمان ۾ تباهيون مچائي ڇڏيون
مسقط: سامونڊي طوفان ”شاهين“ عمان جي سلطنت مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، عماني ايمرجنسي ڪميٽي موجب برساتن ۽ تيز هوائن جي ڪري مختلف حادثن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا آهن. ڄاڻايو ويو آهي ته 7 ماڻهو اڄ جڏهن ته چار ماڻهو گذريل ڏينهن موت جو شڪار!-->…
گرمي پد محسوس ڪرڻ وارن ”رسيپٽرس“ کي دريافت ڪندڙن لاءِ طب جو نوبيل انعام!
هلندڙ سال طب جو نوبيل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن ڊيوڊ جوليس ۽ آرڊيم پيٽاپوٽين کي ڏنو ويو آهي. انهن ٻنهي سائنسدانن کي گڏيل طور تي اهو انعام ڏنو ويو آهي جن اجو پتو لڳايو ته انساني چمڙيءَ وسيلي گرمي پد کي محسوس ڪيو وڃي ٿو. ٻنهي سائنسدانن ان!-->…