ڀارت ۾ ڪورونا وائرس ٻيهر ڪر کڻڻ لڳو، 24 ڪلاڪن دوران 15 ڄڻا فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جو خطرو ٻيهر وڌي ويو آهي ۽ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ۽ 15 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 4 هزار 435 ڪيس ۽ 15 ڄڻا فوت ٿيا آهن، گذريل سال سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ڪيسن ۾ سڀ کان گهڻي واڌ ٿي آهي

ڀارت جي صحت کاتي موجب ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي روزاني شرح 3 ڏهائي 38 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪورونا سبب فوتگيون مهاراشٽر، ڇتيس ڳڙهه، نئين دهلي، گجرات، هرياڻا، ڪرناٽڪ ۽ راجسٿان ۾ رپورٽ ٿيون آهن.
ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 5 لک 30 کان وڌيڪ وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جيڪو دنيا ۾ آمريڪا کانپوءِ سڀ کان گهڻو انگ آهي.
ڀارتي حڪومت ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪندي عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ ۽ وٿي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔