پاڪستان سان واپاري لاڳاپا مضبوط بنائڻ لاءِ تيار آهيون: روس

ماسڪو: (ڇنڇر: روس پاڪستان کي اهم پرڏيهي پاليسي پارٽنر قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ تيار آهيون.
روس يوم پاڪستان حوالي سان پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ماسڪو جو اهم پرڏيهي پاليسي پارٽنر آهي ۽ دوستانه لاڳاپن تي سفارتي ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي.
روسي پرڏيهي وزير جي ترجمان ماريه زاخاروا بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ تعميري سياسي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جڏهن ته ماسڪو ۽ اسلام آباد عالمي ۽ علاقائي ايجنڊا سان گڏ اهم مسئلن تي ويجهو موقف رکن ٿا. اسان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ تيار آهيون.
افغان ريگوليشن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نتيجو ڏيندڙ تعاون جاري آهي ۽ گڏيل توانائي جي منصوبن تي تيزي سان عمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔