علي ظفر مشهور نعت شريف ”فاصلون ڪو تڪلف“ پنهنجي آواز ۾ پيش ڪري ڇڏي

لاهور: ناليواري گلوڪار علي ظفر رمضان المبارڪ ۾ مشهور نعت شريف ”فاصلون ڪو تڪلف“ پنهنجي آواز ۾ پيش ڪري ڇڏي، جنهن کي گلوڪار پنهنجي دل جي ويجهو قرار ڏنو آهي.
علي ظفر گذريل سال به رمضان المبارڪ مهيني ۾ ”بلغ العليٰ بڪاله“ ڪلام پيش ڪيو هو، جنهن کي ماڻهن ڏاڍو پسند ڪيو هو.
علي ظفر هن سال به مشهور نعت شريف ”فاصلون ڪو تڪلف“ پڙهي، جنهن جي وڊيو هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي آهي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ گلوڪار لکيو ته اسان جي جسم، دماغ ۽ روح کي پاڪ ڪرڻ جو مقدس مهينو اچي چڪو آهي، هي موقعو اسان جي تلخيقڪار سان گهري سطح تي جڙڻ جو آهي.
سندس چوڻ هو ته هيءَ رڳو هڪ نعت ناهي پر هڪ اهڙي نعت آهي، جيڪا نه رڳو پراڻيون يادون تازيون ڪندي آهي پر مڪي ۽ مديني شريف جي سير دوران روحاني حسن کي به بيان ڪندي آهي.
گلوڪار ان نعت کي پنهنجي دل جي ويجهو قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔