سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ کي سيڪيورٽي نه ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي سيڪيورٽي نه ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت جا دلچسپ رمارڪس، حليم عادل شيخ جي وڪيل درخواست تي دليل ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ کي خطرو آهي، عدالت چيو ته توهان کي ڪنهن کان خطرو آهي؟
وڪيل جواب ۾ چيو ته اسان کي سنڌ سرڪار کان خطرو آهي، عدالت چيو ته توهان کي خطرو ئي سنڌ حڪومت کان آهي ته سنڌ حڪومت کان سيڪيورٽي ڪيئن ٿا گهرو؟
عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي به جيڪا سيڪيورٽي ملي ٿي ان جي حالت خراب آهي، سيڪيورٽي لاءِ مليل اهلڪارن جون بندوقون به اسان ڏانهن هونديون آهن.
ڇا توهان کي به اهڙي سيڪيورٽي کپي؟ عدالت ايس ايس پي سيڪيورٽي ۽ گهرو وزارت کان هڪ هفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔