مينار پاڪستان وٽ پي ٽي آءِ جو جلسو، لاهور جا ڪيترائي روڊ بند، ميٽرو بس سروس محدود

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينار پاڪستان جلسي جي موقعي تي جلسي گاهه ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن. مينار پاڪستان گرائونڊ ڏانهن ويندڙ رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهر جي اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي به ڪنٽينر لڳايا ويا آهن.
راوي پل ۽ ريلوي اسٽيشن کان مينار پاڪستان ويندڙ رستا بند آهن. جڏهن ته شاهه عالم مارڪيٽ ۾ به ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن. ان کان علاوه سگيان پل، انجنيئرنگ يونيورسٽي روڊ جا رستا بند آهن. شاهدره، راوي ٽول پلازه، بتي چوڪ کان مينار پاڪستان ڏانهن ويندڙ رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نيازي چوڪ، دهلي، دروازه ۽ دوموريه پل کي به بند ڪيو ويو آهي.
انچارج ميٽرو بس موجب جلسي سبب ميٽرو بس جو روٽ مختصر ڪيو ويو آهي ۽ ميٽرو بس گجومنه کان ايم اي او ڪاليج تائين هلايون پيون وڃن. ياد رهي ته ضلعي انتظاميه پي ٽي آءِ کي اڄ رات مينار پاڪستان تي جلسي جي اجازت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔