سائفر جو بهانو بنائي آمريڪا تي الزام لڳائيندڙ عمران خان هاڻ انهن کان مدد گهري رهيو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سائفر جو بهانو بنائي آمريڪا تي الزام لڳائيندڙ عمران خان هاڻ ان کان ئي مدد گهري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته عمران خان پنهنجي قتل جي سازش جو هڪ نئون بيان ٺاهي رهيو آهي. سائفر جو بهانو بنائي 7 کان 8 مهينن تائين آمريڪا تي الزام لڳائي رهيو آهي هاڻ وري هو آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي. عمران خان لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته عمران خان جا ڪجهه پوئلڳ آهن، پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وئي ته انهن مٿان حملو ڪيو ويو، عمران خان جٿن کي وٺي عدالت پهچندو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سياستدان اهڙو غيرقانوني قدم ناهي کنيو.
خواجه آصف زلمي خليل زاد کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته 2 لک افغاني آمريڪا وڃڻ لاءِ پاڪستان آيا، هو اڃان تائين اتي ئي آهن. زلمي خليل زاد افغانين کي پاڪستان کان آمريڪا وٺي وڃڻ جون ڳالهيون ڇو نٿو ڪري.؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔