مينار پاڪستان جلسي کان اڳ پوليس جو ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد گرفتار

اسلام آباد: مينار پاڪستان تي جلسي کان اڳ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄ لاهو ۾ ٿيندڙ جلسي کان اڳ ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي گرفتار ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن، مرڪزي اڳواڻن ۽ عهديدارن جي گهرن تي پوليس جا ڇاپا جاري آهن.
پوليس ذريعن موجب راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن عامر ڪياني، غلام سرور خان، راجه بشارت، سٽي صدر ميان عمران حيات، سٽي سيڪريٽري اطلاعات راجه عثمان ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ رات دير سان ڇاپا هنيا ويا پر ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي.
پوليس رحيم يار خان جي مختلف علائقن مان پي ٽي آءِ جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جاويد انصاري جي پٽ سميت 26 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تحرين انصاف جو چوڻ آهي ته لودهران ۽ بکر مان به اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ جا سمورا اڳواڻ گرفتارين کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي چڪا آهن. هڪ هفتي کان جاري پوليس ڪريڪ ڊائون ۾ 23 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کي بعد ۾ عدالتن مان رهائي به ملي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔