سعودي عرب ۾ زائرين جي بس سان حادثو، 20 ڄڻا اجل جو شڪار

رياض : سعودي عرب ۾ زائرين کي مڪي کڻي ويندڙ بس حادثي جو شڪارٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 20 کان مٿي زخمي ٿيا آهن.

زائرين کي مڪي کڻي ويندڙ بس هڪ پل سان ٽراڪئجي وئي جنهن کانپوءِ باهه لڳي وئي ۽ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

بس حادثو سعودي عرب جي ڏکڻ صوبي عسير ۾ پيش آيو جنهن سبب زائرين کي مڪي ۽ مديني کڻي ويندڙ محفوظ سفر جي حوالي سان پيش ايندڙ خطرا سامهون آيا آهن.

شروعاتي رپورٽ موجب حادثي جي شڪار ماڻهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته سندن واسطو مختلف ملڪن سان هو پر انهن جي سڃاڻپ يا ٻيا تفصيل سامهون ناهن آيا.

بس سان بريڪ جو مسئلو پيش آيو جنهن جي وضاحت ناهي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔