عمران خان جون سڀ رعايتون ختم، اپيل رد، گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن

عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڊيشل مئجستريٽ ملڪ امان عمران خان کي 18 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

عمران خان جي وڪيلن پاران حاضريءَ کان ڇوٽ ۽ ضمانت جوڳا وارنٽ برقرار رکڻ جي استدعا ڪئي وئي

سرڪاري وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان تي حملي جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، 2 ڏينهن اڳ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته ان وقت کيس خطرو نه هو

عدالت عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔