پاڪستان جي عوام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو جمهوري ۽ آئيني بحران ڏٺو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عدليه کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته هي فرعون جيان ويهي آئين جي مرضي موجب تشريح ڪندا آهن، هنن جي فيصلي لکڻ سان آئين ٽٽندو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو جمهوري ۽ آئيني بحران ڏٺو آهي. عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي پنهنجن فيصلن جي ڪري آهي. عوام اڳوڻي نالائق وزيراعظم جي ڪري به مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهي آهي.
بلاول وڌيڪ چيو ته اسان ميثاق جمهوريت جي بدولت اين ايف سي ايوارڊ ۽ خيبرپختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني. جيڪو بحران پيدا ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جنرل حميد گل هن سليڪٽڊ کي سياست ۾ آندو ۽ جنرل پاشا کيس هٿي ڏني. ظهير آيو، فيض آيو، سڀ هليا ويا پر عمران خان مستقل موجود آهي.
هن چيو ته اسان جا اتحادي هڪ ٻئي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي وساري ويٺا آهن. افتخار چوڌري هن ملڪ تي عدالتي آمريت قائم ڪئي جنهن جو مقصد جمهوريت کي نقصان پهچائڻ ۽ هائبرڊ نظام قائم ڪرڻو هو.
پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي هر جمهوري قدم جي جواب ۾ هڪ غير جمهوري قدم کنيو ويو. جمهوري عدم اعتماد جي جواب ۾ اسپيڪر ۽ صدر آئين کي ٽوڙيو. وزيراعظم صاحب جيڪڏهن آئين کي ٽوڙيو ويو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان شرافت سان سياست ڪرڻ چاهيون ٿا پر جيڪڏهن آئين کي ٽوڙيو ويو ته اسان شريف نه رهنداسين. اڳوڻي آرمي چيف به اهو مڃيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي. 70 سالن ۾ هڪ متوازي نظام بڻجي چڪو آهي. هڪ سياسي ڪلاس آهي جنهن جو مستقبل صرف آمرانه نظام آهي، ڪنهن آمر جي پٽ جو جمهوريت ۾ ڪوبه سياسي مستقبل نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن نيوٽرل واقعي نيوٽرل آهي ته پوءِ اهڙن ماڻهن جو ڪوبه سياسي مستقبل نه هوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ آئين ٽوڙيو، چيف جسٽس وٽ اهو ڪهڙو اختيار آهي ته هو ڊيم جا فنڊ جمع ڪري، هي فرعون جيان ويهي آئين جي مرضي موجب تشريح ڪندا آهن، هي فيصلا لکڻ سان گڏ آئين کي به ٽوڙيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔