عدليه کي ڪمزور ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي: خواجا آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس جا اختيار رڳو ورهائي رهيا آهيون ختم نه پيا ڪيون، عدليه کي ڪمزور ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪميٽي ۾ جيڪي ٻه ماڻهو وجهي رهيا آهيون اهي پارليامينٽ جا ميمبر نه پر سپريم ڪورٽ جا جج ئي آهن، مان ته چوان ٿو آرٽيڪل 209 ۾ به ترميم ٿيڻ گهرجي، يوسف رضا گيلاني ۽ نوازشريف جي نااهلي ڪيسن ۾ به ترميم ٿيڻ گهرجي

هن جو چوڻ هو ته  اهو ڪهڙو طريقو آهي جو وزيراعظم کي بيٺي بيٺي فارغ ڪيو وڃي، قانونسازي ڪرڻ اسان جو حق آهي، اسان کي معذرت وارو انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔