نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان جي دوري جي شيڊول ۾ هڪ ڀيرو وري ڦيرڦار

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاران پاڪستان جي دوري جي شيڊول ۾ هڪ ڀيرو وري ڦيرڦار جي تجويز غور هيٺ آهي، ڪراچي ۾ چئن بدران ٽي ون ڊي ميچون ڪرائڻ جو امڪان آهي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم رمضان مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي پر ان شيڊول ۾ وري تبديلي جي تجويز غور هيٺ آهي.

نئين تجويز موجب ڪراچي ۾ چئن بدران ٽي ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون جڏهن ته راولپنڊي ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن سان گڏوگڏ هڪ بدران 2 ون ڊي ميچن جي ميزباني ڪري سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي ۽ ڪجهه ڪرڪيٽ معاملن سبب شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪري سگهجي ٿي.

مهمان ٽيم سڀ کان پهريان لاهور ۾ 5 مان 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي ان کانپوءِ پنڊي ۾ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون ۽ وري ٻه ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.

آخري ٽئي ون ڊي ميچون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو تجويز غور هيٺ آهي.

نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي دوري جي شيڊول ۾ ٻيو ڀيرو تبديلي ٿي سگهي ٿي، پهريان به پنجاب ۾ چونڊن سبب شيڊول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔