جهڙي اليڪشن پي ٽي آءِ چاهي ٿي ان سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيندو:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نه ٿو ٿي سگهي، ٻن ججز جي اختلافي فيصلي سان ابهام پيدا ٿيا آهن، اهي ابهام فل ڪورٽ جوڙڻ سان ئي ختم ٿي سگهن ٿا

جي يو آءِ اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ جي اجازت آهي

هن چيو ته جهڙي اليڪشن پي ٽي آءِ چاهي ٿي ان سان ملڪ ۾ رڳو انتشار پيدا ٿيندو

گهرو وزير چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مناسب وقت تي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔