ڪوئيٽا سميت اتر بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري

ڪوئٽه:ڪوئٽه سميت اتر بلوچستان ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. تيز برساتن سبب ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
موسميات کاتي موجب اتر بلوچستان مغربي سسٽم جي اثر هيٺ اچي ويو آهي. جنهن سبب مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي

چمن ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ برساتي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي.
ڪوئٽه، قلات، مستونگ، پشين، آواران، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، تربت ۾ به برسات جاري آهي. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ پي ڊي ايم لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم موجب مختلف ضلعن جي برساتي نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو امڪان آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڳڙي پوڻ جو به امڪان آهي.
انتظاميه موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي ايندڙ 6 ڏينهن تائين ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
هوڏانهن ليويز اختيارين موجب ڪوڙڪ ٽاپ جي جابلو علائقن ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪوئٽه چمن شاهراهه متاثر ٿي آهي جتي پاڻي سان گڏ مٽي ۽ پٿر روڊ تي اچڻ سبب ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي آهي. جڏهن ته خوشاب، بکر ۽ بوريوالا سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔