براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا

خضدار: بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن زلزلي جي پيمائش ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 306 ريڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي گهرائي 35 ڪلوميٽر هئي ماڻهن ۾ جڏهن ته زلزلي جو مرڪز خضدار جو ڏکڻ هو. زلزلي سبب

ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد :ايل اين جي ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، نيب کي شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ 30 جون تائين مهلت، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر

ايندڙ 3 ڏينهن دوران ملڪ ۾ پيٽرول جي صورتحال بهتر ٿي ويندي: عمر ايوب

پشاور: پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن ڏينهن دوران ملڪ ۾ پيٽرول جي صورتحال بهتر ٿي ويندي. پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته جيڪي ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف ڪارروائي

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورس جي گاڏي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ويجهو سيڪيورٽي فورس جي گاڏي تي  ٿيندڙ حملي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.  آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ سيڪيورٽي فورس جي گاڏي معمول جي گشت تي هئي ته ان کي

آرمي چيف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پوليو مهم کي قومي فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج پوليو مهم ۾ سيڪيورٽي ۽ پوليو ٽيمن جي طريقيڪار کي بهتر بنائڻ ۾ تعاون ڪري رهي آهي. ڊي جي ميجر جنرل بابر افتخار موجب جنرل قمر جاويد باجوه اهي

سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ 2هفتن لاءِ سخت لاڪ ڊائون تي غور

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين جي شرح ۾ لاڳيتو واڌ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر صوبي ۾ سخت لاڪ ڊائون تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين جي شرح ۾ لاڳيتو واڌ ۽ صحت جي عالمي اداري واري رپورٽ جي روشني ۾ سنڌ حڪومت 2

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران کنڊ 70روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي انڪوائري ڪميشن  جي رپورٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران  سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ کنڊ 70  روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله

سپريم ڪورٽ سرڪاري گهرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سرڪاري گهرن تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هائوسنگ واري وزارت کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سرڪاري گهرن تي قبضي بابت پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار تيز ٿيڻ لڳا

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 13 هزار 702 تائين پهچي ويو. جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 83 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2 هزار 255 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ

پارڪ لين ريفرنس: آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ۾ ٻيهر واڌ

اسلام آباد: پارڪ لين ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 26 جون جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. جعلي اڪائونٽس ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. پر ڪورونا وائرس سبب جيل مان جوابدارن کي نه