وڏي وزير پاران ڪرپشن ڪيس ۾ نيب آڏو پيش، سوالنامي جو جواب جمع

اسلام آباد:وڏي وزير مراد علي شاهه روشن سنڌ پروگرام مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿي سوالنامي جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، ذريعن موجب وڏي وزير ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هن منصوبي جي منظوري ۾ اختيارن جو غلط استعمال ناهي ڪيو. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جعلي اڪائونٽس بابت روشن سنڌ پروگرام ڪرپشن ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش ٿيو، ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. وڏي وزير مراد علي شاهه نيب جي ڪمبائنڊ انويسٽگيشن ٽيم آڏو 19 سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جاچ دروان هڪ ڀيرو ٻيهر الزامن کي رد ڪندي چيو ته قائدن ۽ ضابطن تحت روشن سنڌ پروگرام منصوبي جا فنڊز مختص ڪيا ۽ ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، منصوبي جي منظوري لاءِ اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ وارو الزام بي بنياد آهن. نيب جعلي اڪائونٽس سان واڳيل روشن سنڌ پروگرام ڪرپشن ۾ وڏي وزير کي طلب ڪيو هو، مٿس سولر اسٽريٽس لائيٽس جا ٺيڪا غير قانوني طور ڏيڻ جو الزام آهي. نيب موجب مراد علي شاهه تي ناڻي واري وزير طور 4 ارب جي غير معياري سولر لائٽس 4 سئو سيڪڙو مهانگي اگهن تي خريد ڪري من پسند ڪمپنين کي ٺيڪو ڏيڻ جو الزام آهي، ان سلسلي ۾ کيس سوالنامو موڪليو ويو هو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔