ڪرونا کان بچڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وبا کان بچڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، لاڪ ڊائون ٿيڻ سان پورهيت طبقو بيروزگار ٿيو، حتمي طور اهو نٿو چئي سگهان ته معيشت ڪڏهن ٺيڪ ٿيندي. اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪجهه ملڪن ۾ ڪرونا ڪيس گهٽ ٿيڻ بعد ٻيهر ڪَر کنيو آهي، اسان وٽ پورهيت طبقي جو رڪارڊ ناهي. هن چيو ته پورهيت جو دارومدار سندن آمدني تي آهي، اسان کي گڏيل حڪمت عملي تحت ڪرونا جي پکيڙ روڪڻي پوندي، هي وقت سموري دنيا جي پورهيتن لاءِ ڏکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪرونا وبا کان بچڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ڀارت ۾ ڪرفيو سان پورهيت طبقو متاثر ٿيو، ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي ته وبا سان متاثر معيشت ڪڏهن بحال ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون ۾ غريبن لاءِ خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو هو، ان ڪري سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ۽ ننڍي طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔