ڪراچي:آمريڪا ايران تي لڳاتار تيرهين رات به هوائي حملا ڪيا، جڏهن ته ايراني ميڊيا خرمآباد، جاسڪ، اهواز ۽ بندر عباس سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪن جون خبرون ڏنيون آهن. ايراني ميڊيا موجب، اهواز ويجهو آمريڪي ميزائل حملي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿيا، جڏهن ته خرمآباد ۽ بندر عباس تي الڳ الڳ حملن ۾ هر هنڌ ٻه ٻه ماڻهو زخمي ٿيا. صدر ٽرمپ چيو آهي ته اڃا ايران وڏو درد محسوس ناهي ڪيو ۽ آمريڪا تمام وڏي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. صدر ٽرمپ اها به ڌمڪي ڏني آهي ته هرمز ۾ جنهن جهاز کي نقصان پهچندو، اهو ايران جي ضبط ڪيل اثاثن مان پورو ڪيو ويندو.
ضبط ڪيل اثاثن جي ڪنهن ٻئي کي ادائگي خطرناڪ مثال هوندو، عراقچي
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي خبردار ڪيو آهي ته مستقبل جي دعوائن جي ادائيگي لاءِ ڪنهن ملڪ جا منجمد سرڪاري اثاثا استعمال ڪرڻ هڪ خطرناڪ عالمي مثال قائم ڪندو. هن ان عمل کي “اشتعال انگيز” قرار ڏنو. هن ايڪس (X) تي لکيو: “ڪنهن ٻئي ملڪ جا اثاثا ضبط ڪري انهن کي اهڙن مستقبل جي دعوائن جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪرڻ، جن جو انهن اثاثن سان ڪو سڌو لاڳاپو نه هجي، انتهائي اشتعال انگيز مثال آهي.” هن وڌيڪ خبردار ڪيو: “جيڪي ماڻهو اهڙن فنڊن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا ان تي خوش ٿيڻ چاهين ٿا، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن حڪومتون اثاثا ضبط ڪرڻ کي معمول بڻائينديون ته پوءِ ڪنهن جا به اثاثا محفوظ نه رهندا. ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ افراتفري نه خوشگوار هوندي ۽ نه ئي پرامن.”
عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت وڌڻ جو رجھان جاري
جمعي ڏينهن برينٽ خام تيل جي قيمت معمولي گهٽتائي سان 99.97 ڊالر في بيرل ۽ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت 91.49 ڊالر في بيرل تي اچي وئي، پر ان جي باوجود ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي آمدرفت ۾ رڪاوٽن ۽ قازقستان ۾ پائيپ لائينن جي بندش سبب هفتي دوران تيل جي اگهن ۾ نمايان واڌ جو رجحان برقرار رهيو.
جنگبندي جي صدر ٽرمپ جي نئين تجويز ايران رد ڪري ڇڏي، نيويارڪ ٽائمز
عراق جي وزيراعظم علي الزائدي تهران جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جتي هن ايراني عملدارن سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪيون ۽ ٽرانسپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي بابت اهم معاهدن تي صحيون ڪيون. نيو يارڪ ٽائمز ايراني ۽ عراقي سرڪاري ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ عراقي وزيراعظم ذريعي ايران کي نئين امن معاهدي جي تجويز پيش ڪئي، جيڪا ايران رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ٽرمپ تي کين ڀروسو ناهي.
تبصرے بند ہیں۔