ترڪي ۾ ڪنوارن لاءِ ڊيزائنر ماسڪ تيار

استنبول: ترڪي ۾ ڪنوارن لاءِ ڊيزائنر ماسڪ تيار ڪيا ويا آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب ترڪي ۾ ڪنوارن لاءِ خوبصورت ۽ من موهيندڙ ماسڪ تيار ڪيا پيا وڃن. ڊيزائنرز جو چوڻ آهي ته هو لباس موجب ميچنگ رکندڙ سهڻا فيشني ماسڪ تيار ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ هڪ ڪنوار جو چوڻ آهي ته ڪورونا وبا سبب ماسڪ پهرڻ لازمي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هاڻي ميڪ اپ جي ڳڻتي به گهٽجي وئي آهي. هوڏانهن ڀارت ۾ وري هڪ همراهه سون جو ماسڪ ٺهرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔