والن ۽ چوڙين سان سندس محبت : ڪڏهن ختم نه ٿيندي: سجل علي

ڪراچي : پاڪستان فلم ۽ ٽي وي انڊسٽري جي مقبول اداڪارا سجل علي جيولري ۾ والن ۽ چوڙين سان پسنديدگي ٻڌائيندي چيو آهي ته والن ۽ چوڙين سان سندس محبت ڪڏهن ختم نه ٿيندي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي سجل علي والن ۽ چوڙين سان هڪ تصوير شيئر ڪئي. هن لکيو ته ڪجهه به چئو والن ۽ چوڙهين جي ڳالهه الڳ آهي. هن لکيو ته منهنجي والن ۽ چوڙين سان محبت ڪڏهن ختم نه ٿيندي. سجل علي انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ شخصيتن ۾ چوٿين نمبر تي آهي ۽ اهڙو اعزاز هن تازو حاصل ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔