سنڌ سرڪار جِي جَي آءِ ٽي ۾ عذير بلوچ مڃيو آهي ته هُن زمينن تي قبضا ڪيا ،حليم عادل

ڪراچي :سنڌ سرڪار جِي جَي آءِ ٽي ۾ عذير بلوچ مڃيو آهي ته هُن زمينن تي قبضا ڪيا ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي پرڏيهه فرار ڪرايو، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ سرڪار عذير بلوچ جي قبضي مان زمينون نه ڇڏايون ۽ نه ئي وري پرڏيهه فرار ٿيل قاتلن کي گرفتار ڪيو، عذير بلوچ خلاف جيڪي ڪيس داخل ٿيل آهن، اُنهن ڪيسز ۾ سندس گرفتاري به ظاهر نه ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ چيو ته جي آءِ ٽي ۾ ڄاڻايل جوابدار پي ٽي آءِ جي سياسي ڇٽيءَ ۾ لڪي ويا آهن ته پهرين اُنهن کي ٽنگيو وڃي، ذوالفقار مرزا پنهنجي الزامن جو جواب پاڻ ڏيندو، متحده چئي ڇڏيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ سندن ڪنهن به ماڻهو جو نالو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔