ڪورونا وائرس هوا جي ذريعي به پکڙجي ٿو: ماهرن جي دعويٰ

واشنگٽن: ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان سوين مشهور ماهرن هڪ نئين دعويٰ ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نڇ، کنگهڻ ۽ هٿ لاهڻ کان علاوه به ڪورونا وائرس هوا ۾ موجود سنهن ذرن تي سفر ڪندي هوا ۾ پکڙجي سگهي ٿو ۽ ان ذريعي ٻيا ماڻهو به متاثر ٿي سگهن ٿا.اها ڳالهه طئي آهي ته انسانن جي منهن ۽ نڪ مان خارج ٿيندڙ مادن جي سنهن قطرن(ڊراپلٽس) جي اندر وائرس بند ٿي ڪيترن ئي فٽن تائين سفر ڪري ٻين انسانن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. پر يونيورسٽي آف ميري لينڊ جي پروفيسر ڊونلڊ ملٽن ۽ ٻين عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته وائرس نمي وارن قطرن جي ذريعي ڪجهه مٿانهين تي وڃي هوا ۾ ڪجهه دير گهمندو رهندو آهي اهوئي سبب آهي ته اسان ان کي اڏامي لڳندڙ يا هوا مان پکڙجندڙ وبا به چئي سگهون ٿا.ان حوالي سان 32 ملڪن جي 239 سائنسدانن صحت جي عالمي اداري کي به هڪ کليل خط لکيو آهي جنهن جا تفصيل هڪ سائنسي ميگزين ۾ هن هفتي شايع ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔