ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سزا جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي: احمد عرفان

اسلام آباد: ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو پنهنجي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

  رپورٽ موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل احمد عرفان ۽ ڊي جي ڏکڻ ايشيا ۽ سارڪ زاهد حفيظ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ٻيهر قونصلر تائين پهچ جي آڇ ڪئي آهي اميد آهي ته ڀارت پاڪستان جي آڇ جو بهتر جواب ڏيندو. ڀارتي حڪومت پنهنجو وڪيل پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي. صرف پاڪستاني هاءِ ڪورٽ جي لائسنس يافته وڪيل پيش ٿي سگهندا.

ڪلڀوشن ياديو يا ان جو وڪيل رحم جي اپيل داخل ڪري سگهن ٿا. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته  پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ڀارتي هاءِ ڪميشن ۽ ڪلڀوشن جي وارثن سان ملاقات ڪرائي. پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سزا جي خلاف اپيل جو موقعو ڏنو پر ڪلڀوشن ياديو عدالت ۾ سزا جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. پاڪستان عالمي دنيا کي ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ثبوت پيش ڪيا. پاڪستان لاڳيتو هندستاني ڳجهي ايجنسي را جي ڪارروائين جي باري ۾ دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي. پاڪستاني انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔