سُپريم ڪورٽ جو ڪرپشن جا ڪيسز جلد اُڪلائڻ لاءِ اهم فيصلو

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ جو ڪرپشن جا ڪيسز جلد اُڪلائڻ لاءِ اهم فيصلو، چيف جسٽس گلزار احمد 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ ۽ التوا جو شڪار ڪرپشن جا ڪيس توڙي ريفرنسز ٽن مهينن ۾ اُڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سُپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ وفاقي سيڪريٽري قانون کي ايندر ٻڌڻيءَ تي طلب ڪندي چيو آهي ته نيُن عدالتن ۾ ججز مقرر ڪيا وڃن، نيب ريفرنسز تي جلد فيصلو ٿيڻ سان نيب جو قانون ٺاهڻ وارو مقصد ختم ٿي ويندو، 2 هزار کان وڌيڪ نيب ريفرنسز التوا جو شڪار آهن، ڇا نيب پنهنجي قانون ۾ سنجيده آهي؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇو نه نيب عدالتون بند ڪري ڇڏيون ۽ نيب قانون کي غيرآئيني قرار ڏيون، نيب جو ادارو نه هلي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔