والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: قابض ڀارتي فوج جي جارحيت ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي پلوامه ۾ جارحيت پسند ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي چادر ۽ چارديواري جي تقدس کي پامال ڪيو ۽ اچڻ وڃڻ وارن رستن کي بند ڪري مريضن کي به وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. قابض ڀارتي فوج ان تي ئي بس نه ڪيو پر انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.وارث پنهنجي پياري جي لاش جي لاءِ منٿون ڪندا رهيا پر بنيادي انساني حقن جي پامالي ڪندي ڀارتي فوج لاش حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔