غزه ۾ حماس بي هٿيار ٿيڻ لاءِ تيار آهي، ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل تي ڪيل پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته حماس بي هٿيار ٿيڻ تي رضا مند ٿي وئي آهي. الجزيره موجب غزه امن بورڊ جو چوڻ آهي ته حماس هڪ اهڙي روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن تحت هو مرحليوار پنهنجا هٿيار حوالي ڪندو، جڏهن ته ان جي بدلي ۾ اسرائيل به مرحليوار غزه مان پنهنجون فوجون واپس ڪڍندو.
حماس جي ڳالهين واري وفد جي هڪ ميمبر الجزيره کي ٻڌايو ته هن منصوبي تي عملدرآمد ان ڳالهه سان مشروط هوندو ته اسرائيل به معاهدي ۾ شامل پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪري، جنهن ۾ غزه مان فوجن جي واپسي به شامل آهي. حماس اهو به چيو آهي ته هو ان وقت تائين هٿياربندي ختم ڪرڻ وارو قدم نه کڻندو، جيستائين اسرائيل هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري معاهدي جي منظوري نه ڏيندو.
مصر، آمريڪا، قطر ۽ ترڪيه سميت ثالث ملڪن جي شرڪت سان هڪ اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن جو مقصد غزه روڊ ميپ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.
اسرائيلي آبادڪارن، فوجي تحفظ هيٺ، والاريل اولهه ڪناري جي شهر تل (نابلس ڀرسان) تي چڙهائي ڪئي. اهو واقعو گذريل هفتي ٿيل هڪ جهڙپ کانپوءِ پيش آيو، جنهن ۾ چار فلسطيني ۽ ٻه اسرائيلي مارجي ويا هئا.
حماس جي سينيئر اڳواڻ ۽ ڳالهين ۾ شامل غازي حمد رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته فلسطيني تنظيم پنهنجا هٿيار فلسطيني نيشنل ڪميٽي حوالي ڪندي، جيڪا غزه امن بورڊ جي فريم ورڪ تحت تجويز ڪيل هڪ اداري طور قائم ڪئي ويندي.
غازي حمد موجب، جڏهن ٻئي ڌريون معاهدي جي متن جي منظوري ڏئي ڇڏينديون، تڏهن اسرائيل تي لازم هوندو ته هو معاهدي جي پهرين مرحلي تي عمل شروع ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني نيشنل ڪميٽي ۽ هڪ بين الاقوامي امن فورس کي غزه ۾ داخل ٿي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اسرائيل جي حمايت يافته هٿياربند گروهن کي ختم ڪيو وڃي.
رائٽرز سان انٽرويو دوران غازي حمد الجزيره سان ڪيل پنهنجي اڳوڻين ڳالهين کي به ورجايو ۽ زور ڀريو ته حماس جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو عمل مڪمل طور تي غزه مان اسرائيلي فوجن جي واپسي سان مشروط هوندو.

تبصرے بند ہیں۔