پاڪستان سميت سميت سموري دنيا ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ايندڙ 6 مهينا فيصله ڪن قرار

اسلام آباد:  نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر موجب پاڪستان ۽ سموري دنيا مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ايندڙ 6 مهينا فصله ڪن آهن.

گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو جي پوليو اوورسائٽ بورڊ جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر(نيشنل اي او سي) ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي.

انهي اهم ملاقات جي دوران وفد کي سموري ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن، حڪمت عملي ۽ تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل اي او سي موجب وفد پاڪستان جي پوليو جي خاتمي واري پروگرام تي مڪمل  ڀروسي جو اظهار ڪندي پنهنجي مسلسل تعاون جي ارادي جو اظهار ڪيو. وفد پوليو جي خاتمي وارين ڪوششن ۾ حڪومت پاڪستان جي موثر قيادت ۽ مضبوط ارادي جي به تعريف ڪئي ۽ انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ 6 مهينا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ فيصله ڪن حيثيت رکن ٿا.

وفد انهي موقعي تي پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم سان گڏوگڏ معمول جي حفاظتي ٽڪن واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن ٻارن کي موذي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ صحت واري نظام کي وڌيڪ موثر بنائي سگهجي.

دوري جي دوران پوليو اوورسائٽ بورڊ جي ميمبرن عورت فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز سان ملاقات به ڪئي ۽ انهن جا حوصله ڏيندڙ تجربا ٻڌا انهي سان سموري ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ انجام ڏنل انهن جي خدمتن جي تعريف ڪئي. وفد فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي ڪوششن کي پوليو جي خاتمي جي جدوجهد کي اهم قرار ڏيندي انهن جي ڪردار جي به تعريف ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔