دنيا ۾ روبوٽ ڪرائي تي وٺڻ جو وڌندڙ رجحان

ڪراچي: آمريڪا جي ڪيترين ئي اسپتالن ۾ مريض ۽ عملي جا ميمبر هاڻي هڪ هٿ، لڳ ڀڳ چار فوٽ اوچي ۽ اڇي رنگ جي دوستاڻو ڏيک رکندڙ روبوٽ کي پنهنجي روزاني ڪم دوران ڏسڻ جا عادي بڻجي ويا آهن.
هن روبوٽ جو نالو موڪسي (Moxi) آهي، جنهن کي ان جي ٺاهيندڙ ڪمپني ڊيلجنٽ روبوٽڪس (Diligent Robotics) تيار ڪيو آهي.
نرسون اڪثر موڪسي کي “گڊ مارننگ” چونديون آهن، ڪڏهن ان سان هاءِ فاءِ ڪنديون آهن ۽ ڪڏهن ته کيس ڀاڪر به پائينديون آهن.
موڪسي اسپتال اندر دوائون ۽ ٻيو طبي سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي. جواب ۾ اهو پنهنجي دل جي شڪل وارن LED اکين کي روشن ڪري ۽ “بيپ بيپ” جي آواز سان سلام ڪندو آهي. ٽيڪساس ۾ قائم روبوٽڪس ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر ٽوڊ برگر جو چوڻ آهي: “اسان کي اڪثر اها موٽ ملي ٿي ته موڪسي اسپتال جي عملي جي ٽيم جو هڪ حصو بڻجي ويو آهي.”
هن ٻڌايو ته هن وقت لڳ ڀڳ 100 موڪسي روبوٽ مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
روبوٽ خريد نه، پر ڪرائي تي به ملن ٿا
موڪسي کي اسپتال ۾ آڻڻ جو مطلب اهو ناهي ته اسپتال کي اهو روبوٽ خريد ڪرڻو پوي. ان جي بدران اهو ڪرائي تي يا سبسڪرپشن (رڪنيت) جي بنياد تي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
روبوٽڪس ڪمپنيون هن ماڊل کي “روبوٽڪس اَيز اَي سروس” سڏين ٿيون. ان سروس ۾ صرف روبوٽ ئي نه، پر ان جي سار سنڀال، مرمت، سافٽ ويئر اپڊيٽ ۽ جديد واڌارا پڻ شامل هوندا آهن. ضرورت پوڻ تي ڪمپني جي ڪنٽرول روم ۾ ويٺل هڪ انجنيئر پري کان ئي روبوٽ جو ڪنٽرول سنڀالي سگهي ٿو.
ٽوڊ برگر جو چوڻ آهي: “ان سان اسپتالن جو خرچ گهٽجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ کين شروعات ۾ سڄي رقم ادا ڪرڻي نٿي پوي. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هي ٽيڪنالاجي انتهائي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، تنهنڪري اسان باقاعدي روبوٽ جي سافٽ ويئر ۽ صلاحيتن کي بهتر بڻائيندا رهون ٿا.”
هر قسم جا روبوٽ ڪرائي تي
هاڻي روبوٽ هڪ ڏينهن کان وٺي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف مقصدن لاءِ ڪرائي تي ملي رهيا آهن. انهن ۾ اسپتالن لاءِ سامان پهچائيندڙ روبوٽ، روبوٽ بارٽينڊر ۽ زرعي زمينن مان پاڻمرادو گاهه ڪڍندڙ روبوٽ به شامل آهن.
هاڻي آهستي آهستي هيومنائيڊ روبوٽ به ڪرائي تي ڏنا پيا وڃن. اهي اهڙا روبوٽ آهن، جيڪي انسانن وانگر ڏسڻ ۽ هلڻ ڦرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن ۽ اهڙين جڳهن تي ڪم ڪري سگهن ٿا، جيڪي اصل ۾ انسانن لاءِ ٺاهيون ويون آهن.
ڇاڪاڻ⁠تہ هيومنائيڊ روبوٽ اڃا مڪمل طور تي تيار نه ٿيا آهن، تنهنڪري في الحال کين صرف مخصوص ڪمن لاءِ ڪرائي تي ڏنو وڃي ٿو، جن مان گهڻو ڪري تفريح سان لاڳاپيل هوندا آهن.
ماڊل جي لحاظ کان ڪو روبوٽ ناچ ڪري سگهي ٿو، ڳائي سگهي ٿو يا شادين ۽ ڪارپوريٽ تقريبن ۾ مهمانن جي خدمت ڪري سگهي ٿو.
بيجنگ ۾ قائم تحقيقي اداري ڪائونٽر پوائنٽ ريسرچ جي ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر اٿن چي جو چوڻ آهي ته هيومنائيڊ روبوٽ کان ناچ جهڙو مظاهرو ڪرائڻ نسبتاً سولو ڪم آهي.
هن چيو: “توهان پهرين ڪنهن حقيقي ڊانسر کان ناچ ڪرائي ان جي وڊيو ٺاهيو ٿا. پوءِ اها وڊيو روبوٽ کي تربيت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ روبوٽ ناچ ڪرڻ سکي ويندو آهي. تنهن هوندي به گهڻو ڪري انجنيئر روبوٽ سان گڏ هوندو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ هر ماحول يا اسٽيج هڪجهڙو نه هوندو آهي.”
پر هيومنائيڊ روبوٽن کي ڪرائي تي ڏيڻ جو مقصد رڳو ناچ يا تفريح تائين محدود ناهي، جيڪي اڪثر سوشل ميڊيا تي، خاص طور تي چين ۾، وائرل ٿيندا رهن ٿا.

تبصرے بند ہیں۔