منظوري نه ملڻ سبب ڪينسر ۽ ذيابطيس سميت ڪيتريون ئي نيون رجسٽرڊ دوائون اڃان تائين مارڪيٽ ۾ نه پهچي سگهيون

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت کان منظوري نه ملڻ سبب 40 نيون رجسٽرڊ دوائون اڃان تائين مارڪيٽ ۾ نه پهچي سگهيون آهن.

ڪينسر، ذيابطيس، هيموفيليا، پارڪنسنز، دل جي مرض ۽ شديد انفيڪشن جون اهم دوائون به قيمتن جي منظوري جي اوسيئڙي ۾ آهن، دوائن جي عدم دستيابي سبب ڪيترائي مريض غير رجسٽرڊ، ذاتي درآمد ٿيل يا اسمگل ٿيل دوائن تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن.

صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته معاملو موجوده دوائن جون قيمتون وڌائڻ جو نه آهي پر نئين رجسٽرڊ دوائن جون قيمتون طئي ڪرڻ جو آهي. 35 نئين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي منظوري اڳ ئي ڏني وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ 40 دوائن جي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو جاري آهي.

ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) موجب 40 نئين دوائن جي قيمتن بابت سفارشون وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيون ويون آهن قيمتن جي حتمي منظوري کان پوءِ ئي نئين رجسٽرڊ دوائن جي قانوني وڪري جي منظوري ممڪن هوندي. فارما انڊسٽري، ڪيمسٽس، تنظيمن وفاقي حڪومت کان نئين رجسٽرڊ دوائن جي قيمتن جي فوري منظوري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔