تهران : ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايراني خبرون ڏيندڙ اداري (نيوز ايجنسي) کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا سان جنگ ان وقت ختم ٿيندي جڏهن ايران کي ميدانِ جنگ ۾ برتري حاصل هوندي. هن چيو ته جنگ جو خاتمو يا ته مڪمل عسڪري (فوجي) فتح ذريعي ممڪن آهي يا وري ڳالهين ذريعي، ڳالهين جو صحيح وقت اهو هوندو آهي جڏهن توهان فوجي محاذ تي ٺوس ميداني ۽ اسٽريٽجڪ ڪاميايون حاصل ڪري چڪا هجو.عباس عراقچي چيو ته توهان عوام جي زندگين ۽ ملڪ جي مستقبل جي معاملي ۾ خطرا نٿا کڻي سگهو، فيصلا درست ۽ مڪمل حساب ڪتاب جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن، سياسي قيادت کي هر وقت اهو جائزو وٺڻ گهرجي ته جنگ جاري رکڻ سان فائدو ٿيندو يا ان جي قيمت وڌيڪ ڳري پوندي.هن جو چوڻ هو ته ڪجهه نقصانن جي باوجود هن جنگ ۾ ايران هڪ اثرائتي بين الاقوامي طاقت طور اڀريو آهي ۽ ايران پنهنجي نظام جي مضبوطي جو مظاهرو ڪيو.
آمريڪي فوجي عراق ۾ ايراني حملي ۾ مارجي ويو، سينٽڪام
آمريڪا جو هڪ ٻيو فوجي عراق ۾ ايراني ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، اتر عراق ۾ هڪ آمريڪي فوجي اهلڪار 18 جولاءِ تي ڪارروائي دوران مارجي ويو. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجي اهلڪار ايراني ڊرون کي ڪيرائڻ کانپوءِ باقي بچي ويل گولا بارود کي ڪنٽرولڊ ڌماڪي ذريعي تباهه ڪرڻ دوران مارجي ويو. هي واقعو اردن تي ايراني حملي ۾ 2 آمريڪي فوجين جي فوت ٿيڻ ۽ هڪ فوجي جي لاپتا ٿيڻ کانپوءِ پيش آيو.سينٽڪام وڌيڪ چيو ته مڪمل تلاش کانپوءِ آمريڪي فوجي اهلڪارن کي اڄ واقعي واري هنڌ تان نامعلوم انساني باقيات مليون آهن، باقيات جي سڃاڻپ ۽ تصديق جو عمل جاري آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڇنڇر تي اردن تي ايران جي ميزائل حملي ۾ 2 آمريڪي فوجي هلاڪ ۽ هڪ لاپتا ٿي ويو هو، جڏهن ته چار آمريڪي فوجي اهلڪار زخمي ٿيا هئا.
انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي اردن جي عقبہ ائيرپورٽ تي آمريڪي C-17 ۽ P-8 طيبارن تي حملو ڪيو: ايران
ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي اردن جي عقبہ ائيرپورٽ تي موجود آمريڪي فضائيہ جي C-17 اسٽريٽجڪ ٽرانسپورٽ طيبارن ۽ P-8 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول طيبارن تي بيلسٽڪ ميزائل داغيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي طيبارن کي شديد نقصان پهتو.
پاسدارانِ انقلاب چيو ته ان کان اڳ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ئي ازرق جي علائقي ۾ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ 20 هينگرن کي به نشانو بڻايو ويو هو.
پاسدارانِ انقلاب پاران ڪويت ۾ آمريڪي ريڊار، طيبارن جي هينگر ۽ MQ-9 ڊرون بيس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسدارانِ انقلاب ڪويت ۾ آمريڪي فوج جي اهم تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاسدارانِ انقلاب چيو ته ڪويت ۾ آمريڪي ارلي وارننگ ريڊار سسٽم کي ڊرون حملي ذريعي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هڪ ٻئي حملي ۾ ڪويت جي علي السالم ائير بيس تي موجود اوزارن ۽ طيبارن جي پرزن جي هينگر کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته MQ-9 ڊرون بيس تي به حملو ڪري ڪيترائي ڊرونز تباهه ڪيا ويا. بيان موجب، اهي ڪارروايون ايراني سرزمين تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيون ويون.
آمريڪي فوج جا ايران خلاف مسلسل نائين رات حملا مڪمل، ميزائل ۽ ڊرون لانچ سائيٽس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ
آمريڪي فوج ايران جي خلاف مسلسل نائين رات حملا مڪمل ڪري ورتا، جنهن ۾ ميزائل ۽ ڊرون لانچ سائيٽس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، ايران جي خلاف مسلسل نائين رات جاري رهندڙ حملن جو ڪاميابيءَ سان انت ڪيو ويو. سينٽڪام موجب، آمريڪي فورسز ايراني فوجي ڪمانڊ سينٽرز، فضائي دفاع ۽ ساحلي نگراني جي هنڌن، بحري صلاحيتن، ميزائل ۽ ڊرون لانچ سائيٽس توڙي مواصلاتي نيٽ ورڪن کي نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن حملن جو مقصد هرمز جي لڪي (آبناءِ هرمز) تان گذرندڙ تجارتي جهازن ۽ شهري ملاحن تي حملا ڪرڻ جي ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي. آمريڪي فوج ڪمانڊر ان چيف جي هدايت تي ايران کي جوابدار ٺهرائي رهي آهي. سينٽڪام جون فورسز اڃا تائين انتهائي چوڪس، پنهنجي مشن تي متوجهه، موتمار ڪارروائي لاءِ تيار ۽ مڪمل طور تي مستعد آهن.
تبصرے بند ہیں۔