وزيراعظم سان احسن اقبال جي ملاقات، ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:  وفاقي وزير منصوبه بندي پروفيسر احسن اقبال اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ سموري ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن، پبلڪ سيڪٽر ڊوالپمينٽ پروگرام جي تحت منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي جاري ترقياتي منصوبن، انهن تي ٿيل اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته قومي اهميت جي سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت جي اندر اعليٰ معيار سان مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته عوامي فلاح، بهبود روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

وزيراعظم انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا گڏيل تعاون ۽ موثر رابطي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار وڌيڪ تيز ڪري ڇڏين ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن مان فائدو پهچي سگهي. ملاقات ۾ قومي ترقي جي مختلف رخن ۽ آئنده جي ترقياتي حدفن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

تبصرے بند ہیں۔