نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل ۾ اسپين دفاعي چيمپين ارجنٽينا کي 0-1 کان شڪست ڏئي ٻيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
نيويارڪ ۾ کيڏيل فيصله ڪن معرڪي جي پهرين هاف جي شروعات ۾ اسپين جي ٽيم ڇانيل رهي جنهن دفاعي چيمپين ٽيم جي گول تي ڪيترائي حملا ڪيا پر برتري حاصل نه ڪري سگهي. ساڳئي هاف ۾ اسپين جو دفاع ايترو مضبوط رهيو جو ارجنٽينا کي مخالف ٽيم جي گول تي هڪ به شارٽ لڳائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، وقفي تي مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو.
ٻئي هاف ۾ به ساڳئي صورتحال رهي راند جو مقرر وقت ختم ٿيڻ کان اڳ اسپين جي رانديگر تي فائول ڪرڻ سبب ارجنٽينا جي فرنانس کي ريفري ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو جنهن کان پوءِ ارجنٽينا جي ٽيم کي بقايا وقت ۾ 10 رانديگرن سان کيڏڻو پيو. ارجنٽينا جي ٽيم انهي هاف ۾ به اسپين جي گول طرفان هڪ شارٽ به نه لڳائي سگهي. راند جو ريگولر ٽائيم بنا ڪنهن گول جي ختم ٿي ويو.
اضافي وقت جي پهرين هاف ۾ به مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو، جنهن کان پوءِ اضافي وقت جي ٻئي ۽ فيصله ڪن هاف جنهن جي شروعات ۾ ئي اسپينش رانديگر فيرن ٽوريس کي گول ڪرڻ جو موقعو ملي ويو جيڪو هن ضايع نه ڪيو.
خساري ۾ وڃڻ کان پوءِ ارجنٽينا جي رانديگرن گول ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا جنهن کان پوءِ دفاعي چيمپين ٽيم هڪ ٻُڙي کان شڪست جي نتيجي ۾ اعزاز برقرار نه رکي سگهي ۽ اسپين جي ٽيم 16 سالن کان پوءِ ٻيون ڀيرو چيمپين بڻجي وئي.
آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ عالمي فٽبال چيمپين اسپين کي ٽرافي ۽ رانديگرن کي ايوارڊ ڏنا. اسپين جي پال ڪوبارسي ڪورينگ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته اسپين جي انائي سائمن بهترين گول ڪيپر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
اسپين جي ڪپتان ۽ مڊ فيلڊر روڊري فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رانديگر جو ايوارڊ گولڊ بال کٽي ورتو. ميسي ٻئي نمبر تي رهيو ۽ سلور بال پنهنجي نالي ڪيو. فرانس ٽيم جي اسٽالر فٽبال ايمباپي گولڊن بوٽ ايوارڊ کٽي ورتو. اهو 2 ڀيرا اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. ايمباپي ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ 10 گول ڪيا. ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي 8 گول اسڪور ڪيا.
تبصرے بند ہیں۔