واشنگٽن : آمريڪا جو هڪ ٻيو فوجي عراق ۾ ايراني ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، اتر عراق ۾ هڪ آمريڪي فوجي اهلڪار 18 جولاءِ تي ڪارروائي دوران مارجي ويو. سينٽڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجي اهلڪار ايراني ڊرون کي ڪيرائڻ کانپوءِ باقي بچي ويل گولا بارود کي ڪنٽرولڊ ڌماڪي ذريعي تباهه ڪرڻ دوران مارجي ويو. هي واقعو اردن تي ايراني حملي ۾ 2 آمريڪي فوجين جي فوت ٿيڻ ۽ هڪ فوجي جي لاپتا ٿيڻ کانپوءِ پيش آيو.سينٽڪام وڌيڪ چيو ته مڪمل تلاش کانپوءِ آمريڪي فوجي اهلڪارن کي اڄ واقعي واري هنڌ تان نامعلوم انساني باقيات مليون آهن، باقيات جي سڃاڻپ ۽ تصديق جو عمل جاري آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڇنڇر تي اردن تي ايران جي ميزائل حملي ۾ 2 آمريڪي فوجي هلاڪ ۽ هڪ لاپتا ٿي ويو هو، جڏهن ته چار آمريڪي فوجي اهلڪار زخمي ٿيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔