فلم "ميرا لياري” آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:    سنڌ حڪومت جي سهڪار سان تيار ڪيل فلم "ميرا لياري” آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي، جنهن کي سنڌ لاءِ وڏي اعزاز جي حيثيت حاصل قرار ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي فلم بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فلمي منصوبن ۽ مختلف او ٽي ٽي پليٽ فارمن سان سهڪار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ فلمي صنعت جي واڌ ويجهه، جاري فلمي منصوبن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، بورڊ ميمبر وقاص رضوي، سليم خان، احتشام انصاري، رب نواز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اطلاعات کاتي جي تحت جاري فلمي منصوبن جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف قومي ۽ عالمي او ٽي ٽي پليٽ فارمن ۽ لاڳاپيل ادارن سان انهن منصوبن جي نمائش ۽ ورڇ بابت ڳالهيون جاري آهن.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فلم "ميرا لياري” جو آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان، خاص طور سنڌ لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ فلم، ثقافت ۽ تخليقي صنعتن جي واڌاري لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته فلمي صنعت نه رڳو ثقافت ۽ ملڪ جي مثبت سڃاڻپ کي اجاگر ڪري ٿي، پر روزگار، سيڙپڪاري ۽ تخليقي موقعا پڻ پيدا ڪري ٿي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته سنڌ کي فلم سازي جو هڪ مضبوط ۽ جديد مرڪز بڻايو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جيڪڏهن فلم "ميرا لياري” آسڪر ايوارڊ جي باضابطه نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ته اهو پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندو.

 

تبصرے بند ہیں۔