لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو

لاهور:  راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي موجب گوالمنڊي  ۾ 47، ڪچهري ۾ 44، پيرودهاني ۾ 28 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. نيو ڪٽاريان ۾ 32، بوڪره 27، پي ايم ڊي ۾ 23، شمس آباد ۾ 19 ملي ميٽر برسات پئي.

ايم ڊي واسا موجب هيٺاهين وارن علائقن ۾ واسا جو عملو هيوي مشيري سان موجود آهي. گذريل برسات کان پوءِ نالن ۾ بنجندڙ رنڊڪن کي ختم ڪيو ويو آهي. سموري شهر جي نالن ۽ لئي نالي جي مارڪيٽنگ جاري آهي. پاڻي جو وهڪرو معمول موجب ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي. انهي کان علاوه لاهور جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪمزور سانوڻي هوائن سان مغربي هوائن جو سلسلو به ملڪ جي اترين علائقن تي اثر انداز ٿيو آهي جنهن سبب اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.

 

تبصرے بند ہیں۔