منھنجو پيءُ فوت نھ ٿيو پر قتل ٿيو هو: جگن ڪاظم

ڪراچي : پاڪستاني ٽيليويزن جي معروف ميزبان ۽ اداڪاره جگن ڪاظم پنهنجي پيءُ جي قتل ۽ ننڍپڻ جي تلخ تجربن تي پهريون ڀيرو تفصيل سان گفتگو ڪندي ماضيءَ جون ڪيتريون ئي يادون شيئر ڪيون آهن.جگن ڪاظم هن وقت سرڪاري ٽي وي سان بطور ميزبان وابسته آهي، هوءَ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر به ڏيکاري چڪي آهي، هوءَ فيصل نقوي سان شادي شده آهي ۽ سندس 2 ٻار آهن.تازو ئي جگن ڪاظم هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرکت ڪئي، جتي هن پنهنجي پيءُ سيد عباس ڪاظم جي قتل ۽ امڙ سان پنهنجي پيچيده تعلقاتن سميت ننڍپڻ جي ڏکين حالتن تي کُلي ڳالهايو.سندس پيءُ سيد عباس کاظم سرڪاري ٽي ويءَ جي معروف شخصيتن ۾ شمار ٿيندا هئا ۽ آڪٽوبر 2002ع ۾ هنن کي قتل ڪيو ويو هو.پيءُ جي موت جو ذڪر ڪندي جگن کاظم ٻڌايو ته منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان تڪليف ڏهہ لمحو اهو هو جڏهن مون کي پيءُ جي انتقال جي خبر ملي، مان ان وقت ڪينيڊا ۾ هئس ۽ نيو يارڪ ويل هئس.جگن ٻڌايو ته مون کي هڪ نامعلوم نمبر تان فون آيو ۽ چيو ويو ته توهان جا ڏاڏا انتقال ڪري ويا آهن، مان پنهنجي پيءُ کي ڏاڏو چئي سڏيندي هئس، ان وقت منهنجي عمر 21 سال هئي.هن ٻڌايو ته پيءُ سان منهنجو تعلق هميشه تمام پيچيده رهيو، تنهن هوندي به سندس موت جي خبر مون کي شديد صدمو پهچايو، شروعات ۾ مون کي يقين ئي نه آيو ۽ مون فون ڪندڙ کي دڙڪا ڏئي ڪال ڪٽي ڇڏي، پر بعد ۾ ٻيهر رابطو ڪيم ته خبر پئي ته پيءُ جو انتقال نه پر قتل ٿيو هو.جگن کاظم موجب اهو وقت منهنجي زندگيءَ جو بدترين ۽ سڀ کان تڪليف ڏهہ دور هو، ان دوران ماڻهن جي حقيقت ڄاڻڻ ۽ زندگيءَ جا ڪيترائي تلخ پاهلو ڏسڻ جو موقعو مليو.هن ٻڌايو ته پيءُ مون کي زندگيءَ جا ڪيترائي سبق سيکاريا، مان ان ڳالهه جو افسوس به ڪندي آهيان ته پيءُ بہت جلدي دنيا مان هليو ويو ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ جون ڪاميابيون ڏسڻ ۽ انهن تي فخر ڪرڻ جو موقعو نه مليو.

تبصرے بند ہیں۔